اسلام آباد -31 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان مجلس وحدت المسلمين جي ايم اين اي حميد حسين جي اڳواڻي ۾ ڪرم سان تعلق رکندڙ وفد ملاقات ڪئي. گهرو وزير ڪرم جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. محسن نقوي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته ٻن گروپن وچ ۾ تڪرار کي غلط رنگ ڏنو ويو، ان س??سلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن کي ان مسئلي جي جٽادار حل لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي. حڪومت معاملي جي حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. علائقي ۾ ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آه??. و??اقي وزير ڪرم جي ٻنهي گروپن جي معزز شخصيتن سان نمائنده وفد کي به ملاقات لاءِ گهرايو. وفد ?? منير حسين، پروفيسر شبير بنگش ۽ ٻ??ا شامل هئا. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا به ان موقع?? تي موجود هو.
وفاقي گهرو وزير پاران مجلس وحدت المسلمين جي وفد سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔