اسلا?? آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مسجد نبوي جي امام شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو پا??ستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهري ۽ پائيدار لاڳاپن جو مظهر آهي، پا??ستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا ڀا??يچاري، اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پا??ستان ۽ سعودي عرب هر آزمائش ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن، عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمان امت ۾ اتحاد، يڪجهتي ??ي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن مسجد نبوي جي امام شيخ ڊاڪٽر صالح محمد بن البدير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير محمد نواف بن سعيد المالڪي، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ا??واڻ عمر ايوب، علي محمد خان، بئريسٽر گوهر علي خان، ملڪ عامر ڊوگر، مولانا فضل الرحمان، اسد قيصر، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ ٻيا قومي اسيمبلي جا ميمبر به موجود هئا. ان موقعي تي ??الهائيندي سردار اياز صادق چيو ته مسجد نبوي جي امام جي پارليامينٽ آمد اسان لاءِ مسرت ۽ برڪت جي گهڙي آهي، مسجد نبوي جو مسلمانن جي دلين ۾ هڪ خاص مقام آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو ٻطرفي ڀا??راڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهي. مسجد نبوي جي امام شيخ صالح بن محمد البدير چيو ته پا??ستان جو دورو ڪري دلي خوشي ٿي آهي، پا??ستان ۾ جيڪو خلوص ۽ محبت ملي اها ياد رهندي. هن چيو ته شاندار استقبال ۽ مهمانوازي تي پا??ستان جي عوام ۽ پارليامينٽ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته پا??ستان عالم اسلام جو هڪ اهم ملڪ آهي، مسلمان ملڪن ۾ اتحاد کي هٿي خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پا??ستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي درخواست تي مسجد نبوي جي امام پا??ستان جي ترقي، خوشحالي ۽ مسلمان امت وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي ??ي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص دعا ڪئي.
مسجد نبوي جي امام شيخ صالح بن محمد البدير جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهري ۽ پائيدار لاڳاپن جو مظهر آهي: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز