نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر اڍائي ڪروڙ ٻارن کي تعليم جي زيور سا?? ليس ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، موسمياتي تبديلي جا اثر ۽ دهشتگردي جي ڪري اسان کي وڏو مالي ۽ جاني نقصان کڻڻو پيو، پاڪستان جهڙن ملڪن کي اهڙي صورتحال ۾ اڌار ۽ قرض وٺڻو پوي ٿو، جيڪو ان جي لاءِ موت جي ڦاهي جي برابر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ پائيدار ترقي جي هدفن تي ايس ڊي جيز موومينٽ جي موضوع تي مباحثي کي ??طا?? ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ پرعزم آهيون، پنجاب ۾ پنهنجي 10 سا??ا حڪومت جي دوران تعليمي شعبي ۾ وڏي تبديلي آندي. هن چيو ته پنجاب ۾ تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقن کي بااختيار بڻايو، جيڪي پنهنجي ٻارن کي تعليم نه ڏياري سگهندا هئا، پنجاب انڊومنٽ اسڪيم ۽ وائوچر اسڪيم جي ذريعي ٻارن ۽ ٻارڙين کي انهن جي علائقن ۾ اسڪولن ۾ داخلا ڏني وئي، پنجاب انڊومنٽ مان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ لکين مستحق شاگرد فائديمند بڻيا. هي ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو انڊومنٽ فنڊ آهي، جنهن ۾ ملڪ ۾ ۽ ٻاهرئين ملڪ تعليم جي لاءِ باصلاحيت ۽ مستحق ٻارن کي وظيفا ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا ويا، جن ۾ غريب ۽ يتيم باصلاحيت نوجوانن کي تعليم ڏني وڃي ٿي، انهن اسڪولن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، هتي شاگردن کي ووڪيشنل ٽريننگ ڏني وڃي ٿي، اهي شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن. برطانيا جي ڊيفڊ ۽ پنجاب جي وچ ۾ تعاون سا?? اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام شروع ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته اسان جي شاگردن تي سيڙپڪاري مستقبل تي سيڙپڪاري آهي. اسان ڪمپنين کي ادائيگيون ڪري شاگردن کي تربيت ڏياريندا آهيون ان ۾ ڪا به ڪرپشن نه آهي، اهو گيم چينجر آهي، جيتوڻيڪ اڍائي ڪروڙ ٻارن جو اسڪولن کان ٻاهر هجڻ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ جدوجهد ڪن ٿا. 2022ع ۾ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوهه نه آهي، ڇو ته ان ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته زهريلي گئسن جو سڀ کان وڌيڪ اخراج ڪندڙ ملڪ ان جا ذميوار آهن، عدم توازن، ناانصافي ۽ غيرمنصفاڻي نظام سا?? اهو مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان کي نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي درپيش آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 88 هزار پاڪستاني شهيد ٿيا، اسان ان ناسور کي شڪست ڏني، اسان کي ان سا?? اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، اسان کي ان شيطاني سرڪل مان نڪرڻ ج?? لاءِ اڌار ۽ قرض وٺڻو پوي ٿو، اهو موت جو ڦندو آهي ۽ اسان ان مان نڪرڻ ج?? ڪوشش ڪريون ٿا ته ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.
ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ اولين ترجيح آهي، اسڪول کان ٻاهر اڍائي ڪروڙ ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت