سرينگر-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ??نهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت سندن مادر وطن تي غير قانوني طور تي سندن خواهشن خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ننڍي کنڊ جي ??رهاڱي جي ??ارمولي جي کليل خلاف ورزي ۽ ڪشميرين جي امنگن خلاف سرينگر جي ??وائي اڏي تي پنهنجي ??وج لاهي ڄمون ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪاري ڏينهن جي ??وقعي تي آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي ??ارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي بي جي ??ي جي ??ندوپرست حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي به مذمت ڪئي ويندي. ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي ۽ ٻين آزاد پسند تنظيمن ان جي حمايت ڪئي آهي. حريت اڳواڻن ڪشميرين تي زور ڀريو آهي ته هو ڪارو ڏينهن ملهائي دنيا تي واضح ڪن ته ڄمون ڪشمير جي ڀارتي ڏاڍ کان آزادي تائين پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکندا. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميرين کي درپيش انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ سياسي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڪشميرين کي سندن خود اراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. سرينگر، بارهموله، پلوامه، اسلام آباد، ڪولگام، ڪپواڙه ۽ ڄمون ڪشمير جي ??ين حصن ۾ ??وس??ر لڳايا ويا آهن جن ۾ ڪشميرين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو پنهنجي ??ادر وطن تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف آچر ڏينهن مڪمل هڙتال ڪن. ??وس??رن تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق ۽ مشتاق الاسلام سميت سينئر حريت اڳواڻن جون تصويرون موجود آهن. ??وس??ر سماجي رابطن جي ??يب ??ائ??س، ايڪس، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.
ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا