ڪراچي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا ۾ پوليو ٽيمن تي حملن جي مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميڊي?? سيل مان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اپر اورڪزئي ۽ اتر وزيرستان ۾ پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن تي حملو کليل دهشتگردي آهي. هن چيو ته شهي?? اهلڪار قوم جا هيرو آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خيبر پختونخوا حڪومت پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي ۽ مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائي، پوليو فري پاڪستان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل