ڪوئيٽا-01 نومبر (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ بم ڌ??اڪي ۾ پوليس اهلڪار سميت 05 ڄڻا شهيد ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب جمعي ڏينهن م??تونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول ڀرسان بيٺل پوليس وين ويجهو زودار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 5 ماڻهو شهيد ٿي پيا جڏهن ته 13 ٻيا زخمي ٿي پيا. جن ۾ هسيب انور، سميع الله، صفي الله ۽ خير النسا شامل آهن. ڌماڪي ۾ ٻارن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ امان الله، عائشه، عينه،رونيرا، بابا، عنايا،ام ارم،، دلدار، اختر علي، انيس الرحمٰن، ملڪ حمزه، محمد عرفان، امير حمزه، عبدلارزاق، تنوير احمد ۽ محمد ٿرفان شامل آهن. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي ويون. لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مستونگ منتقل ڪيو ويو جتان سخت زخمين کي کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪوئٽه ٽرامه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪڙ?? چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
بلوچستان جي مستونگ واري علائقي ۾ بم ڌماڪو، پوليس اهلڪار سميت 05 ڄڻا شهيد،13 زخمي
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری