اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) سيفران، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات دوران ا??غان پناهگيرن جي ڀلائي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻ?? طرفي سهڪار کي وڌائڻ جي موقعن سميت ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستان ۾ يو اين ا??ڇ سي آر جي نمائن??ا فلپا ڪينڊلر پڻ ساڻس گڏ هئا. اجلاس ۾ سيفران واري سيڪريٽري ظفر حسن ۽ جوائنٽ سيڪريٽري آغا وسيم به شرڪت ڪئي. ٻنهي ڌُرين ٻ?? طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ اعليٰ سطح جي رابطن کي وڌائڻ ۽ سهڪار جون نيون راهون ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جا نمايان ا??ڪان موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ افغان پناهگيرن لاءِ تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ پيشيوراڻي تربيت کي بهتر بنائڻ لاءِ گڏيل پروگرام ڳولي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان پناهگيرن جي مس??لن کي حل ڪرڻ ۾ ڊئنمارڪ جي شراڪتداري ۽ سهڪار کي دلي جي گهرائين سان ساراهيون ٿا ۽ مان ا??يد ڪريان ٿو ته اسان گڏجي افغان پناهگيرن جي صورتحال جي نظام ۽ حل لاءِ اثرائتو حل ڪڍي سگهون ٿا. وفاقي وزير ملڪ ۾ افغان پناهگيرن جي ميزباني جي سلسلي ۾ پاڪستان کي درپيش مالياتي چئلينجز تي روشني وڌي ۽ـ عالمي برادريءَ جي حمايت جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ا?? ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي توجهه ان طرف گهٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ مسلسل يڪجهتي ضروري آهي. ان موقعي تي ڊئنمارڪ جي سفير افغان مهاجرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مُدي ۾ واڌ جي پاڪستان جي تازي فيصلي کي ساراهيو. هن ا??ساني همدردي جي ڪوششن جو اعتراف ڪندي لکين ا??غان پناهگيرن جي ميزبانيءَ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي به ساراهيو.
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان ڊئنمارڪ جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج