اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سربراهي اجلاس ??ان اڳ 10 نومبر تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته سربراهي اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي سعودي عرب جي حڪومت ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائق?? جي صورتحال تي خ??ال?? جي ڏي وٺ لاءِ رياض ۾ 11 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ڪانفرنس جو فالو اپ هوندو. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن ۽ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪ?? جي اعليٰ عملدار?? جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز ج?? لاءِ پاڪستا?? جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي فوري خاتمي، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪ?? جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل فلسطي?? جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ جنه?? جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، تي پڻ زور ڏيندو. ترجمان چيو ته سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪ?? جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.
وزيراعظم 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج