اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وا??ي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته تعليمي ن??ام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ نه رڳو وقت جي ضرورت آهي، پر اسان جي ايندڙ نسلن ??ي ڪاميابي لاءِ بنيادي شرط به آهي. تختي کان ٽيڪنالاجي تائين جو سفر اسان جي تعليم جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ هي سفر تيز رفتار ترقي طرف اشارو ڪري ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪو آرڊينيشن ڪميشن جي انتظام هيٺ منعقد ماڊل اسيسمنٽ فريم ورڪ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ جو دور علم تي ٻڌل معيشت جو آهي، جتي ٽيڪنالاجي، تخليقي صلاحيتن ۽ جديد مهارتون نوجوانن لاءِ عالمي معيشت ۾ مقام حاصل ڪرڻ جو بنيادي عنصر آهي. اسان کي پنهنجي تعليمي ن??ام کي اهڙي ن??اب ۽ تربيتي پروگرامن سان آراسته ڪرڻ گهرجي جيڪي شاگردن کي نه رڳو موجوده دور جي پر مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪن. ان مقصد لاءِ اسان کي انقلابي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ويزن 2025ع تحت تعليم وا??ي وزارت نصاب ۽ امتحاني ن??ام جي سڌارن جا منصوبا ڏنا ويا، استادن جي تربيت کان سواءِ معياري تعليم جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، جلد ئي اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي ٽيچر ٽريننگ ادارو قائم ڪيو ويندو. امتحاني ن??ام ۾ سڌارن کان سواءِ تعليمي معيار بهتر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته قومي ن??اب کي جديد گهرجن مطابق ڪرڻ تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، قومي ن??اب ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي تعليمي ماهرن کي گهرائي جديد ٽيڪنالاجي مطابق تعليمي ن??اب ٺاهيو ويندو جيڪو جديد دور جي گهرجن مطابق هجي، پاڪستان ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ انڊيڪس رپورٽ اسان جي تعليمي ن??ام جي ن??ڪامي جي عڪاس آهي، تعليمي ايمرجنسي نه لڳائي ته دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين. ارڙهين ترميم کان پوءِ اسان اهو سوچيو ته صوبن وٽ هي شعبه وڃڻ کان پوءِ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي پر ايئن نه ٿيو. هن چيو ته فائيو ايز فريم ورڪ ۾ معياري تعليم جي فراهمي فائيو ايز جو هڪ اهم جزو اهي، ٻارن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي صلاحيت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، تعليمي بورڊز کي خوداحتسابي ذريعي پنهن??ي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.
تعليمي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ڪاميابي لاءِ بنيادي شرط آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز