اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بيلاروس جي صدر جي پاڪس??ان جي دوري سان ملڪي معيشت تي مثبت اثر پوندا، پاڪس??ان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي تعاون جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو، عوام انتشار جي سياست رد ڪري ڇڏي آهي، عوام ترقي ۽ ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهي، پاڪس??ان ترقي ڪندو، معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. نور خان ايئربيس تي سياسي ۽ معاشي معاملن تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بيلاروس جي صدر لو??ا شينڪو جو پاڪس??ان جو دورو تاريخي هوندو، بيلاروس ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ مثالي حصيداري ۽ دوستي جو رشتو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي ٽي ڏهاڪا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته اسان جي خوشقسمتي آهي ته اسان جي دوست ملڪ جو صدر پاڪس??ان اچي رهيو آهي. هن چيو ته بيلاروس جي پرڏيهي وزير پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو جتي نائب وزيراعظم کيس ڀليڪار ڪيو ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته بيلاروس سان بزنس ٽو بزنس ۽ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿي رهيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي تعاون جاري آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ زراعت جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو، ان کانسواءِ فارماسيوٽيڪلز، ٽريڪٽر مينوفيڪچرنگ، زرعي مشينري ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ بيلاروس هڪ ٻئي کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ بيلاروس جو صدر پاڪس??ان آيو هو، سندس دورو تمام گهڻو فائديمند رهيو هو ان کانپوءِ نواز شريف پڻ بيلاروس جي دوري تي ويو هو. آستانه ۾ ٿيندڙ ايس سي او سمٽ دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيلاروس جي صدر لو??اشينڪو سان ملاقات ٿي هئي ۽ بيلاروس کي شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني هئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بيلاروس جي صدر جي پاڪس??ان اچڻ تي عوام ۽ حڪومت سندس آجيان ڪري ٿي، ان دوري جا پاڪس??ان جي معيشت تي مثبت اثر پوندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽس جي حد عبور ڪري چڪي آهي جيڪا ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪس??ان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، پيٽرول، اٽو، گيهه گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال سستا آهن، وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن پاران گرمي جي موسم ۾ بجلي جي صارفين کي 95 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي جنهن سان بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ونٽر پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، سردي ۾ به عوام جي سهولت لاءِ بجلي جون قيمتون ??نا??ب رکيون وينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ جتي مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي، معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، وياج جي شرح گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران 8.8 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪس??ان آيو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته دوست ملڪن پاران وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس سان معاهدن سان پاڪس??ان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، عوام خوشحال ٿيندي. هن چيو ته بيلاروس جي صدر جو پاڪس??ان جو دورو اسان جي لاءِ خوشي جو سبب آهي، سمورن مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويندو. اهو پاڪستان، معيشت ۽ عوام جي ترقي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته عوام انتشار جي سياست رد ڪري ڇڏي آهي، عوام ترقي ۽ ڀلائي جي سياست سان گڏ بيٺل آهي، پاڪس??ان ترقي ڪندو، معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.
بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري سان ملڪي معيشت تي مثبت اثر پوندا، پاڪستان ۽ بيلاروس جو دفاعي شعبي ۾ مثالي تعاون جاري آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی