اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي ??ي پي) نجڪاري ۽ س??ڙپ??اري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هاڻ تائين ڪارڪردگي جو جائزو، جاري ۽ م??تقبل جي رٿائن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي، ڪاروباري سرگرمين ۽ پرڏيهي س??ڙپ??اريءَ ۾ اين ايڇ اي جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ م??اشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ روڊ نيٽ ورڪ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جو موجوده روڊ نيٽ ورڪ س??ڙپ??اريءَ لاءِ اهم علائقن وچ ۾ رابطن جي ??هو??ت فراهم ڪري ٿو، روڊ نيٽ ورڪ جي وڌيڪ بهتري سان معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. روڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتريءَ سان پرڏيهي س??ڙپ??اريءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته شاهراهن جي تعمير جا نوان منصوبا نجي س??ڙپ??اريءَ لاءِ انتهائي پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد کان سکر موٽر وي ايم-6 ۽ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايم-9 کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪري سگهجي ٿو، ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شاهراهن جا منصوبا به نجي س??ڙپ??اريءَ لاءِ پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته مانسهره کان ڪاغان، ناران روڊ کي موٽر وي جي طرز تي بڻايو ويندو، اين ايڇ اي ??نهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اين ايڇ اي جي روينيو ۾ واڌ سان ملڪي ناڻي تي بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته اين ايڇ اي ??ين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي روينيو ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اين ايڇ اي ??انوني طريقو ڳولي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : گرم گرم