اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) ڊي آءِ جي اسلام آباد کلي ڪچ??ري دوران اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي شڪايت تي فوري ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) سيد علي رضا کلي ڪچ??ري دوران ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار جي خلاف فوري قانوني ڪارروائي جي خاطري ڪرائي. اها ڪچ??ري عوامي مسئلن جي حل لاءِ صدر، سٽي ۽ ڳوٺاڻي زونز ۾ منعقد ٿي. پوليس ترجمان ”اي پي پي?? کي ٻڌايو ته کلي ڪچ??ري ۾ چيف ??ريفڪ آفيسر (سي ٽي او) سرفراز ورڪ، ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز شرڪت ڪئي. پوليس ترجمان ٻڌايو ته شهرين ڀرپور شرڪت ڪندي پنهنجون شڪايتون پيش ڪيون جن کي موقعي تي ئي حل ڪرڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون. کلي ڪچ??ري دوران اي پي پي جي ڊائريڪٽر ڪرائيم اينڊ ڪورٽس رشيد ملڪ انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي کي ڌمڪي ڏيندڙ شخص جي خلاف قانوني ڪارروائي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته واقعي کي هڪ مهينو گذري چڪو آهي پر هيستائين ڪا قانوني ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. رشيد ملڪ سوال ڪيو ته جيڪڏهن گادي واري شهر ۾ هڪ سينيئر سول سروس آفيسر محفوظ نه آهي ته عام شهرين جي حفاظت جو ڇا ٿيندو؟ ڊي آءِ جي سيد علي رضا صحافين جي خدشن تي فوري ڪارروائي جو يقين ڏياريو ۽ ٻن ڪلاڪن جي اندر ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انصاف ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ اهڙن سنگين مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. شرڪت ڪندڙن کلي ڪچ??ري منعقد ڪرڻ تي ڊي آءِ جي سيد علي رضا کي ساراهيو ۽ ان قدم کي پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد وڌائڻ ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. ڊي آءِ جي علي رضا شهرين کي پوليس اسٽيشنز ۾ مسئلن جي رپورٽ ڪرڻ جي ترغيب ڏني ۽ ا??ار?? جي بدعنواني جي خلاف سخت ڪارروائي جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پوليس آفيسرن کي ايمان??ار?? ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ گهرجي، تڏهن ئي اهي ئي ا??ار?? جو حصو رهي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پوليس آفيسون شهرين جي لاءِ چوويهه ڪلاڪ کليل آهن ۽ ا??ار?? ۾ ڪرپٽ آفيسرن يا عوامي خدمت ۾ رڪاوٽ بڻجندڙن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي.
ڊي آءِ جي اسلام آباد پاران اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي شڪايت تي فوري ڪارروائي جي خاطري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ