غزه-18 ڊسمبر (اي پي پي) غزه جي جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 90 ٿي ويو جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. الجزيره جي رپورٽ مطابق جباليه ۽ نصرت پناهگير ڪيمپن تي اسرائيلي حملن ۾ وڏي پيماني تي ف??سطينين جي مارجڻ جو اطلاع آهي. اسرائيلي بمباري ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 90 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. مارجي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ڪيترن ئي زخمين کي ??يجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته الجزيره مطابق اسرائيلي حملن ۾ غزه جي اسپتالن کي ??شانو بنايو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڪيترائي ف??سطيني مرد، عورتون ۽ ٻار اڃا تائين گُم آهن. فلسطيني خابرو اداري وفا جي رپورٽ ۾ غزه جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻُڌايو ويو آهي ته اسرائيلي ف??ج جباليه ۾ البرش ۽ـ الوان خاندانن جي ملڪي??، رهائشي علائقي تي شديد بمباري ڪري رهي آهي. امدادي ڪارڪن متاثر علائقن مان ملبو هٽائڻ ۾ مصروف آهن. صحت جي عالمي اداري الشفا اسپتال جي صورتحال کي ??ڪمل هيبتناڪ منظر ۽ ڪمال عدوان اسپتال جي تباهيءَ کي خوفناڪ قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان هاڻي تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 19 هزار تائين پهچي ويو آهي.
جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي بمباريءَ ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 90 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری