واشنگٽن- 02 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا انتهاپسند يهودي آبادڪارن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي اولهندي ڪناري ۾ فلسطينن خلاف پُرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث آهن. العربيه اردو موجب پابندين بابت آم??يڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته انتهاپسند يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جي پهرين ??رحلي ۾ 4 ماڻهن خلاف لاڳو ڪيون وينديون، انهن جي آم??يڪا ۾ موجود اثاثن کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ هو آم??يڪين سان مالي ڏي وٺ نه ڪري سگهندا. ان ل??ءِ آمريڪي ويزائون جاري ڪرڻ تي به پابندي لاڳو هوندي. 4 يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان شروعاتي طور تي رڳو هڪ علامتي ڪارروائي نظر ايندي آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو انهن آم??يڪي پابندين کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اولهندي ڪناري ۾ آم??يڪي پابندين جي ڪا به گنجائش ۽ جواز ناهي، اسرائيل هر قانون ٽوڙيندڙ خلاف پاڻ قدم کڻي ٿو ۽ ان ل??ءِ آمريڪي پابندين جو ان سلسلي ۾ ڪو جواز ناهي ته هو اهڙي طرح جا غير معمولي قدم کڻي. اولهندي ڪناري ۾ 4 يهودي آبادڪارن تي پابندين جو هي فيصلو ان وقت ڪرڻو پيو جڏهن صدر جوبائيڊن آم??يڪي رياست مشي گن جو دورو ڪيو ۽ کيس اتي جي عرب ڄاون آم??يڪين طرفان سخت رد عمل کي منهن ڏسڻو پيو جيڪي اسرائيل جي باري ۾ آم??يڪي پالسين جا مخالف آهن. مشن گن رياست جي شهر ڊيٽراوٽ جي ميئر به آم??يڪي صدر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
آمريڪا پاران اولهندي ڪناري ۾ پرُتشدد ڪاررواين ۾ ملوث يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena