بيجنگ -18 مارچ (اي پي پي) چين روس جي صدر ول??ديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، فرانس جي خا??رو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چين روس جي صدر ول??ديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي ٿو. هن چيو ته چين ۽ روس نئين دور ۾ هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا پاڙيسري ۽ جامع اسٽريٽجڪ سهڪار رکندڙ شراڪتدار آهن. هن چيو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر ول??ديمير پيوٽن جي اسٽريٽجڪ اڳواڻي تحت چين روس لاڳاپن کي هٿي ملندي. هن چيو ته هلندڙ سال چين ۽ روس وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام ج?? 75هين سالگره ملهائي پئي وڃي. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جا سربراه ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکندا. ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي برقرار رکندا، جامع اسٽريٽجڪ هم ??هن??ي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين دور ۾ چين روس لاڳاپن جي لاڳيتو ترقي کي هٿي وٺرائيندا. روس جي سرڪاري ايجنسي آر آءِ اي گذريل ڏينهن سرڪاري چونڊن جي انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته 99 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن کان پوءِ ول??ديمير پيوٽن 87.33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.
چين پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے