نيويارڪ -19 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي سياحت ??مپ??ي اسپيس وي آءِ پي خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. اردو نيوز مطابق آمريڪي لگزري اسپيس سياحت ??مپ??ي اسپيس وي آءِ پي انسانن کي اسپيس ۾ وٺي و??ي کاڌو کارائڻ جي آڇ ڪري رهي آهي. رپورٽ مطابق 6 مسافر ان مشن جو حصو بڻجندا جن کي سمنڊ جي سطح کان هڪ لک فوٽ بلندي تي وٺي و??ي ڊنر ڪرايو ويندو. مسافرن کي اسپيس تي اسيپڪٽو ??مپ??ي جي ٺاهيل نيپچيون نالي خاص خلائي ڪيپسول ۾ ويهاري ايئر بيلون ذريعي خلا جي سرحد تائين ??هچ??يو ويندو. ان ايڊونچر جو حصو بڻجندڙ ماڻهن کي خاص مينيو تي مشتمل کاڌو کارائڻ لاءِ ??شه??ر شيف راسمس منڪ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.نيپچون نالي ان اسپيس شپ کي هائيڊروجن سان ڀريل هڪ خلائي ڦوڪڻو منزل ڏانهن وٺي ويندو جتي مسافر ڪيترائي ڪلاڪ ترسي کاڌي جو مزو ماڻي سگهن ٿا. 6 ڪلاڪن جي ان سفر لاءِ مسافرن کي ڪنهن به قسم جي تربيت گهربل نه هوندي ۽ انهن لاءِ خاص سوٽ به تيار ڪيا ويندا جيڪي فرانسيسي فيشن ??مپ??ي ڊيزائن ڪندي. ان ايڊونچر لا3 ڪير به اپلائي ڪري سگهي ٿو جنهن کي ٽڪيٽ جي قيمت 4 لک 95 هزار ڊالرز (13 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.
آمريڪي سياحتي ڪمپني اسپيس وي آءِ پي پاران خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري، ٽڪيٽ 4 لک 95 هزار ڊالر مقرر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار