رام الله-09 مئي (اي پي پي) اسرائي?? جي فوج غزه تي هوائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 اهم ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 فلسطيني شهري شهيد ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حملي ۾ اسرائيلي فوج جي 40 ويڙهاڪ جهازن حصو ورتو. برطانيه جي ??ابرو اداري فلسطين جي ??حت واري وزارت جي ??والي سان عالمي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته اسرائي?? جي فوج اڱاري ڏينهن صبح جي ??وير غزه پٽي ۾ ٿيل حملن ۾ 12 فسلطيني شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. اسلامي جهاد جي هٿياربند ونگ 3 ڪمانڊرن جي ??هادت جي ??صديق ڪندي چيو آهي، ته اسان پنهنجي مشن تان هٿ نه کڻنداسين. گروپ جي ڪمانڊرن جي ??ڃاڻپ جهاد غنم، خليل البهطيني ۽ طارق عزالدين جي نالن سان ٿي آهي. فلسطيني پرڏيهي وزارت اسرائي?? جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي، ته سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهين ذريعي سياسي حل آهي، ٻئي طرف اسرائي?? جي فوج جو چوڻ آهي ته هنن اسلامي جهاد جي 3 سينئر ڪمانڊرن کي نشانو بڻايو. حملي ۾ هٿيارن ۽ بنيادي ڍانچي جي ??ياري جي 10 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو جن ۾ راڪيٽ سازي جا ورڪشاپ، سرنگون تيار ڪرڻ جا مرڪز ۽ اسلامي جهاد جو فوجي ڪمپائونڊ به شامل هئا. اسرائي?? جي دفاع واري وزير يوم گيلنٽ چيو آهي ته جيڪو به عسڪريت پسند اسرائي?? جي شهرين کي نقصان پهچائيندو ان کي پ??تائڻو پوندو. هن چيو ته اسرائي?? جي فوج جي ڳجهي اداري شين بيت سان گڏجي ??زه ۾ اسلامي جهاد جي قيادت کي نشانو بڻايو. واضح رهي ته گذريل هفتي اسلامي جهاد جي ??ڳواڻ جي ??سرائي?? جي حراست دوران بک هڙتال سبب فوتگي بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي.
اسرائيل فوج جا غزه تي حملا، فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 شهري شهيد، 20 زخمي
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل