تل ابيب – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ اسرائيل ۾ حماس جي حملي جو نشانو بڻيل ميوزڪ فيسٽول واري هنڌ تان هن وقت تائين مبينا طور تي 250 کان وڌيڪ لاش مليا آهن. برطانوي نشرياتي اداري اسرائيلي ريسڪيو ايجنسي زڪا جي حو??لي سان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته نگيو جي ريگستاني علائقي ۾ سپرنووا ن??لي ان ميوزڪ فيسٽ??ل جون تياريون ڪيترن ئي هفتن کان جاري هيون ۽ اهو اسڪوٽ ن??لي يهودي تهوار جي موقعي تي منعقد ٿيڻو هو. پارٽي ۾ شريڪ هڪ عورت اسرائيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته صبح جو سائرن وڃڻ جي آواز سان گڏ ئي راڪيٽ هلڻ ۽ پوءِ فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ان ک??نپ??ءِ گاڏين ۾ سوار فوجي ورديون پاتل هٿياربند پارٽي واري هنڌ داخل ٿي ويا. پارٽي ۾ شرڪت ڪندڙ ان موقعي تي جان بچائڻ لاءِ پنهنجن گاڏين ڏانهن ڀڳا پر تمام گهڻي فائرنگ جي نتيجي ۾ جان بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪري زخمي ٿيندا رهيا. عورت ٻڌايو ته هن جهاڙين ۾ لڪي پنهنجي جان بچائي. پارٽي ۾ شريڪ هڪ ٻئي شخص ٻڌايو ته هن جي اندازي مطابق حملي وقت پارٽي ۾ شريڪ ماڻهن جو انگ 3 هزار هو.
ڏکڻ اسرائيل ۾ حماس جي حملي جو نشانو بڻيل ميوزڪ پارٽي واري هنڌ تان مليل لاشن جو انگ 250 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی