رياض-03 ڊسمبر (اي پي پي )سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان گذريل ??ينهن فرانس ج?? صدر ايمانويل ميڪرون ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض جي قصر ال??مامه ۾ فرانس ج?? صدر جي آجيان لاءِ باضابطه تقريب جو اهتما?? ڪيو ويو. ملاقات دوران سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي گڏيل ??وششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري، علائقائي ۽ عالمي صورتحال ، گڏيل ??ڻتي وارن معاملن ۽ ان حوالي سان ڪيل ??وششن جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس ج?? صدر جي موجودگي ۾ سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ڪائونسل جوڙڻ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ فرانس جي وزير ۽ پرڏيهي وزير نويل باروٽ صحيحيون ڪيون.
سعودي عرب جي ولي عهد سان فرانس جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون