ڊيووس – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا جو ملڪ ۾ بداعتماد?? جي فضاءَ کي اعتماد ۽ اميد ۾ بدلائڻ ۽ جمهوريت کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري?? جا 10 سال مڪمل ٿيندا، ملڪي سياست ۾ موجوده ڪجهه تڪرار آزاد ميڊيا جي موجودگي ۽ حمايت سان ختم ٿي ويندا، اظهار راءِ جي آزادي، معلومات تائين آزاداڻي رسائي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان معلومات تائين رسائ?? جي قانونسازي ڪندڙ ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي. هو ڊيووس ۾ اطلاعات ۽ تفريح جي نظام جي آغاز جي حوالي سان اجلاس جي گڏيل صدارت ڪري ??هي هئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی