گڏيل ??وم??ن- 19 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اها والاريل فلسطين ۾ اسرائيلي اختيارين هٿان انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مسجد اقصيٰ ۾ مسلسل اشتعال انگيزي کي روڪڻ ??اء?? فوري ۽ ڀرپور عزم سان ڪارر??ائ?? ڪري ۽ عالمي قانونن ۽ وچ اوڀر تڪرارن تي گڏيل ??وم?? جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. گڏيل ??وم?? ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته ٻه رياستي حل ئي اسرائيلي فلسطين تڪرار جو واحد حل آهي. هن اسرائيلي وزيراعظم بنيا مين نيتن ياهو کي قيادت ۾ انتهائي ساڄي ڌر جي حڪومت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسرائيلي قيادت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي کي ٻه رياستي حل جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن جي ذهن ۾ اهو سوال نه آهي ته والاريل فلسطيني سرزمين ۾ اسرائيلي يهودي وستين ??اء?? فلسطينين جي زمينن ۽ جائيدادن تي قبضا، معصوم فلسطيني ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن خلاف تشدد، غزه جي ناڪابندي ۽ بيت المقدس ۾ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جهڙي اسرائيلي قيادت جا قدم سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ انساني همدردي جي قانونن س??يت عالمي قانونن جون سنگين خلاف ورزيون آهن. سلامتي ڪائونسل جو هي اجلاس پاڪستان س??يت 90 کان وڌيڪ ملڪن جي ان بيان تي صحيح جي ڏس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ گڏيل ??وم?? جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد کانپوءِ فلسطيني عوام، قيادت ۽ سول سوسائٽي خلاف اسرائيل جي اشتعال انگيز قدمن تي ”گهري ڳڻتي“ جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستاني نمائندي چيو ته هو فلسطين تي اسرائيل جي غير قانوني قبضي خلاف انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي قانوني راءِ جا منتظر آهيون، هن اميد ظاهر ڪئي ته انصاف جي عالمي عدالت جي راءِ و??لاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي ڏوهن ??اء?? جوابدهي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته گذريل سال دوران اسرائيلي ڪاررواين ۾ وڏي تعداد ۾ فلسطيني ماريا ويا، هن اسرائيل طرفان مسجد اقصيٰ س??يت اسلامي ۽ عيسائي مقدس ماڳن جي خلاف جاري جارحيت ۽ اشتعال انگيزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
سلامتي ڪائونسل فلسطين ۾ اسرائيلي اختيارن جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڀرپور عزم سان ڪارروائي ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے