گڏيل قومون -05 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن فلسطين جي علائقي جنين ۾ اسرائيل جي فوج جي 2 ڏينهن کان جاري پرتشدد ڪارروائين تي جمعي ڏين??ن هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سفارتڪارن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جمعي تي هڪ بند ڪمري جو اجلاس ڪندي جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ ??اقعن تي غور ڪرڻ ??ان گڏوگڏ اسرائيل طرفان اولهه ڪناري ۾ ڪيل سڀ کان وڏي فوجي ڪارروائي جي نتيجن ۽ اثرن تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن چيو ته گڏيل عرب امارات فلسطين ۾ پريشان ڪندڙ صورتحال جي روشني ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. انساني حقن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ والاريل اولهه ڪناري ۾ وڌندڙ ??رتشدد واقعن جي مذمت ڪندي زور ڀريو ته قتل عام کي روڪڻ گهرجي. هن چيو ته والاريل اولهه ڪناري ۾ تازي آپريشن ۽ تشدد رڳو وڌيڪ تشدد کي جنم ڏئي ٿو. هن چيو ته قتل، جسماني تشدد ۽ ملڪيتن جي تباهي کي روڪڻ گهرجي. گڏيل قومن جي عهديدار چيو ته جنين آپريشن ۾ ملڪيتن جي تباهي انساني حقن جي عالمي اصولن ۽ معيارن جي پاسداري بابت سنگين سوال اٿاري ٿي. هن چيو ته هوائي حملا قانون لاڳو ڪندڙ آپريشنز کي انجام ڏيڻ جي قانون سان هڪجهڙائ?? نٿا رکن.
گڏيل قومن طرفان جنين ۾ اسرائيل جي فورسز جي 2 ڏينهن کان جاري پرتشدد ڪارروائين تي جمعي تي هنگامي اجلاس طلب
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا