گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سي??ري??ري انتونيو گوتريس چيو آهي، ته غزه ۾ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، اتي فوري جنگ بندي ڪئي وڃي. سلامتي ڪائونسل جي هڪ اعليٰ سطحي سيشن ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسرائيل 56 سالن کان فلسطينين تي ناجائز قبضو ڪر?? رکيو آهي. هن چيو ته حماس جي حملن جي جواب ۾ اسرائيل جهڙي طرح فلسطيني علائقن ۾ بمباري ڪري رهيو آهي ان بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇ??يو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ سخت ڳڻتي واري صورتحال آهي. هن چيو ته 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملن ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو پر ان بعد جهڙي ريت غزه کي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي ان جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. هن چيو ته مان گ??ري ڳڻتي ۾ آهيان ته هن وقت غزه ۾ عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزي ٿي رهي آهي. مان اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هٿياربند ويڙهه ۾ پڻ ڪنهن به ڌر جڪو پاڻ کي عالمي قانونن کان مٿانهون سمجهڻ جو حق ناهي، جيتوڻيڪ سي??ري??ري جنرل اها ڳالهه اسرائيل جو نالو وٺڻ بنا چئي آهي. سلامتي ڪائونسل جي خاص سيشن دوران ٿوري ئي دير ۾ اسرائيل جي سفير گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل جي استعيفيٰ جو اهو چئي مطالبو ڪيو ته انتونيو گوتريس دهشتگردن ۽ قاتلن سان گڏ ٺاهه جي حمايت ڪري ٿو.
غزه ۾ عالمي قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ