لنڊن-14 جون (اي پي پي) برطانيه جي ليبر پارٽي اعلان ڪيو آهي ته هو 4 جولاءِ تي ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي تي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ نئين عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ فل??طي??ي رياست کي تسليم ڪندي. هڪ خابرُو اداري (اردو نيوز) موجب موجب 4 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن جي حوا??ي سان راءِ عام جي جائزن ۾ ليبر پارٽي پنهنجي مخالفن کان گهڻو اڳتي آهي. ليبر پارٽي جي منشور ۾ چيو ويو آهي ته فل??طي??ي رياست فل??طي??ي عوام جو فتح نه ٿيڻ جوڳو حق آهي. اسان هڪ نئين امن عمل ۾ حصو وجهڻ لاءِ فل??طي?? کي تسليم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جيڪو ٻه رياستي حل تي ٻڌل هجي جنهن ۾ محفوظ اسرائيل ۽ آزاد ۽ خودمختيار فل??طي??ي رياست گڏوگڏ هجن. موجوده ڪنزرويٽو پارٽي جي حڪومت پهرين چيو هو ته هو امن عمل کان پهرين باضا??طه طور تي فل??طي?? جي رياست کي تسليم ڪندي. حڪومت چيو هو ته اولهندي ڪناري ۽ غزه جي فسلطينين کي هڪ اعتبار جوڳي فل??طي??ي رياست ۽ نئين مستقبل جو سياسي منظر فراهم ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ آئر لينڊ، ناروي ۽ اسپين باضا??طه طور تي فسلطيني جي رياست کي تسليم ڪيو هو.
برطانيه جي ليبر پارٽي جو 4 جولاءِ تي چونڊن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن