بيجنگ-12 جولاءِ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير و??نگ اي جمعي ڏينهن نيڌرلينڊز جي نئين پرڏيهي وزير فيلڊ ڪان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن ??اڳ??پن ۽ اهم عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وانگ اي نيڌر لينڊز جي هم منصب سان پنهنجي ٽيفلونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته چين ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ واضح ۽ عملي جامع تعاون تي ٻڌل حصيداري جي مستحڪم ترقي سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدا حاصل ٿيا آ??ن ۽ ان حصيداري خطي ۽ دنيا جي پرامن ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته چين نيڌرلينڊز جي نئين حڪومت سان ويجها ??اڳ??پا قائم ڪرڻ، هڪجهڙن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي وڌائڻ لاءِ تيار آهي. وانگ اي چيو ته چين عالمي پيداوار ۽ سپلائي چين جي استحڪام کي گڏيل طور تي برقرار رکڻ لاءِ نيڌرلينڊز سان تعاون کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي نيڌرلينڊز جي پرڏيهي وزير چيو ته چين ايشيا ۾ نيڌرلينڊز جو اهم اقتصاد?? ۽ ??اپاري حصيدار آه?? ۽ ??نهي ڌرين کي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي مسئلن تي گڏيل فائديمند تعاون ڪرڻ گهرجي. ه چيو ته يورپ ۽ چين وچ ۾ ڪجهه معاملن ۾ اختلافن کي ٻنهي ڌرين وچ ۾ تعاون ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته نيٽو پنهنجي ميمبر ملڪن جي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آه?? ۽ ??ميشه هڪ دفاعي ادارو رهندو.
چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جي نيڌرلينڊز جي نئين پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج