ڪوٽڙي – 14 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ تيز رفتار ترقي کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ ڪرپٽ ۽ بدعنوان ماڻهن کي سسٽم مان ڪڍڻو پوندو. صدر اها ڳالهه ڪوٽڙي چيمبر آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي سنڌ جو صنعت وارو وزير م??مد علي ملڪاڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صدر چيو ته 70ع جي ڏهاڪي تائين قومي ترقي جو سفر اطمينان جوڳو هو، ان کانپوءِ بدعنواني ترقي جي رفتار روڪي ڇڏي، پاڪستان ۾ قابل ۽ اهل ماڻهن جي ڪا کوٽ نه آهي پر ڪرپشن ۽ سفارش جي ڪلچر ڪارڪردگي کي متاثر ڪري ڇڏيو.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena