اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس ??حم?? لغاري سڄي مل?? ۾ اڄ سومر کان 5297 فيڊرز تي بجلي جي لوڊشيڊنگ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ساڍا چار سال اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد سان نه رڳو مل?? مان اونداهين جو خاتمو ڪيو آهي پر مل?? کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي حقيقي معنيٰ ۾ گامزن ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت مل?? ۾ 2 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، اسان وٽ هن وقت طلب کان وڌيڪ بجلي موجود آهي، اهڙا علائقا جتي بجلي چوري ڪئي وڃي ٿي اتي سسٽم ۾ وڌيڪ بجلي هجڻ جي باوجود لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رکيو ويندو، جنهن جي لاءِ ڊسڪوز اهي سمورا قدم کڻندا ۽ قانونن کي لاڳو ڪرائيندا جنهن جي مدد سان اسان کي پنهنجو هدف پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، موجوده حڪومت نه رڳو بجلي جي پيداوار جي ڪيترن ئي منصوبن ک?? مڪمل ڪيو آهي پر ڪيترائي منصوبا هن وقت به غور هيٺ آهن جنهن سان سسٽم ۾ بجلي جي اضافي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
سڄي ملڪ ۾ اڄ کان 5297 فيڊرز تي بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي آهي: اويس لغاري
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری