ڍاڪا-29 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب فوتگين جو تعداد 1600 ک??ن وڌ?? ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز ٻڌايو ??هي ته هلندڙ سال کان هن وقت تائين 3 لک 9 هزار کان وڌ??ڪ ماڻهو ڊينگي سبب متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ڊينگي سبب ٿيل فوتگين جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڇهوڻ تي وڌ??ڪ آهي. صحت جي ماهرن هلندڙ سال ڊينگي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ??هي ڇاڪاڻ ته عام طور تي سانوڻي جون برساتون ختم ٿيندي ئي ڊينگي وائرس گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي جڏهن ته هلندڙ سال نومبر ۾ ڊينگي جا 38 هزار ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ڍاڪا جي بنگابنڌو شيخ مجيب ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر محمد شرف الدين احمد ٻڌا??و ته گذريل سالن ۾ ان عرصي دوران اسان ڊينگي جو ڪو به مريض رڪارڊ نه ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن