گڏيل قومون-26 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته جيڪڏهن عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) غزه ۾ اسرائيل جي جنگي ڏوهن بابت ڪيس هلائڻ لاءِ فوري قدم نٿي کڻي ته ان مقصد لاءِ هڪ نئون خصوصي ٽربيونل ??ائم ڪيو وڃي، اها ڳالهه مناسب رعايت جي حقن بابت گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي بالاڪرشنن راجا گوپال ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چئي. هوڏانهن نيدرلينڊ ۾ لبيا جي سفير چيو ته سندس ملڪ ۽ فلسطيني قيادت هيٺ رياستن جي هڪ گروپ اسرئايل خلاف آءِ سي سي ۾ ڪيس درج ڪرايو آهي، جنهن جو مقصد اسرائيل جي فوج هٿان غزه ۾ وڏي پيماني ??ي ٿيل قتل تي قانوني ??ستو اختيار ڪرڻ آهي. غزه پٽيءَ ۾ اسرائيل جي جنگ جي شروعات کان هاڻ تائين 20 هزار کان وڌيڪ فلسطيني ??هيد ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ان کان علاوه تمام وڏي آباديءَ کي خوراڪ، پاڻي، طبي سهولتن ۽ بجليءَ کان پڻ محروم ڪي?? ويو آهي. فرانس جي و??يل ان ڳالهه جي تصديق ڪندي آءِ سي سي وٽ درج ??يل ڪيس ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي. سڄي دنيا جي وڪيلن جي هڪ گروپ کي آءِ سي سي آڏو مظلوم فلسطينين جي نمائندگيءَ لاءِ متحرڪ ڪي?? ويو آهي. هيڪ ۾ قائم آءِ سي سي کي 17 نومبر تي غزه پٽي ۽ اولهه ڪِناري ۾ اسرائيل طرفان ??يل جنگي ڏوهن جي جاچ لاءِ 5 ملڪن مان اپيلون مليون آهن.
عالمي فوجداري عدالت غزه ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف ڪو ڪيس هلائڻ لاءِ فوري قدم نٿي کڻي ته نئون خصوصي ٽربيونل قائم ڪيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن