اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي اخلا??ي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن آل پارٽيز ??ريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وفد سان مظفرآباد ۾ ملاقات دوران چئي، ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار محمد مسعود خان ۽ وزيراعظم راجا فاروق حيدر خا?? پڻ موجود هو. آل پارٽيز ??ريت ڪانفرنس جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي صدر ممنون حسين عالمي برادري ۽ گڏيل ??ومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشمير بابت ريفرنڊم جي حوالي سان گڏيل ??ومن جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ ڀارت تي دٻ??ءُ وجهي. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو فوري خاتمو ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ ڀارت تي دٻ??ءُ وجهڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ