اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ترقي ??افته، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان ئي اسا?? جي منزل آهي، پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمان?? جي اميد ۽ الله جي هڪ نعمت آهي جنه?? جي قيام لاءِ اسا?? جي بزرگن منفرد تحريڪ هلائي ۽ بي مثال قربانيون ڏئي هي ملڪ حاصل ڪيو، پاڪستا?? جي عوام 25 جولاءِ تي پرجوش طريقي سان ان اصول تي هڪ دفعو ٻيهر مهر تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ملڪ عوام جي مرضي سان وجود ۾ آيو هو، ا?? جي قسمت جا فيصلا به ووٽ جي پرچي سان ٿيندا. پاڪستا?? جي عوام ان حقيقت کان آگاهه آهي ??ه سندن نمائندا اهي ئي ٿي سگهن ٿا جنهن کي هو چونڊيندي، پاڪستان گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي سياسي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو. هو آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي منعقد قومي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، شاهه محمود قريشي، غير ملڪي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوج?? جي سربراهن، نگران وزيرن علي ظفر، عبدالله هارون، اسڪول ۽ ڪاليج?? جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
ترقي يافته، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان ئي اسان جي منزل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن