سائوپائولو-03 مئي (اي پي پي ) برازيل جي ڏکڻ پاس?? رياست ريوگرانڊي ڊوسول ۾ لڳاتار چين ۾ شديد برساتن ، ٻوڏ ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ طوفان سبب 29 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 60 ڄڻا گم ٿي پيا آهن طوفان سبب رياست جا ڏيڍ سو کان وڌيڪ شهر متاثر ٿيا آهن شنهوا موجب ريو گرانڊي ڊوسول جي گورنر ايڊورڊو ليٽي فوتگين ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته يورو گوئي ۽ ارجنٽائن جي سرحد لڳ رياست ريو گرانڊي ڊوول زرعي ۽ مال جي پيداوار جي لحاظ سان سموري ملڪ سڀ کان اڳيان آهي گورنر چيو ته رياست جي تاريخ جي بدترين قدرتي آفت آه?? رياست ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي رهاڪن کي چيو ويو آهي ته مٿانهين جڳهه جي طرف وڃن ۽ شهري دفاع جي ايجنسي ذريعي نشاندهي ڪيل ٻوڏ سٽي?? علائقن کان پري رهن هن چيو ته اٽڪل 4،400 رهاڪن کي ڪڍيو ويو آهي پر هز??ري?? ماڻهون گهرن ۾ پاٿل آهن ۽ محفوظ هنڌن تي منتقلي جا منتظر آهن . رياستي کاتي شهري دفاع موجب طوفان سبب 154 شهر متاثر ٿيا آهن برازيل جي صدر لوئيز اناسيو لولاڊا سلوا رياست جي سڀ کان وڌيڪ متاثر شهرن ۾ مان هڪ سانتا ماريا جو دورو ڪيو ۽ گورنر سان ملاقات ڪئي صدر رياست ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي فنڊنگ ۽ امداد جي آڇ ڪئي .
برازيل ۾ برساتن، ٻوڏ ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب 29 ڄڻا اجل جو شڪار ،60 ڄڻا گم ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ