استنبول – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شاهد خاقان عباسي سان گني جي صدر ايلفا ڪونڊي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن جي نائين ڊي ايٽ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ترڪي جي تاريخي شهر استنبول ۾ هي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دفاع، زراعت، تعليم، ريلوي، بينڪنگ ۽ تعميرات جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم چيو ته آفريقا لاءِ پاڪستان جو ويزن مضبوط ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي واپار، سي??پڪ??ري ۽ دفاعي تعاون جي ذريعي وڌائڻ آهي جڏهن ته پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۽ گڏجي اڳتي وڌڻ آهي. پاڪستان ۽ گني جي تعاون جي حوالي سان وزيرا??ظم شاهد خاقان عباسي کيس ٽيڪسٽائيل، ليڌر، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ايس ايم ايز تجربي ما?? فائدو کڻڻ جي آڇ ڪئي.
وزيراعظم سان گني جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ