استنبول – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فلسطيني عوام ۽ ان جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ??ه فلسطيني عوام جي لاءِ القدس شريف جي گادي واري شهر سان هڪ خودمختيار رياست جو قيام واحد روڊ ميپ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بيت المقدس شري?? بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غيرمعمولي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم القدس شريف تي او آءِ سي جو غيرمعمولي سربراهه اجلاس گهرائڻ تي ترڪ صدر طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جا ٿورا مڃيندي چيو ته هي ??يرمعمولي وقت آهي. هن چيو ته مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي بابت 1969ع جي رباط سربراهه ڪانفرنس اها اميد پيدا ??ئي هئي ته فلسطيني عوام سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ مسلمان دنيا کي درپيش سمورن مسئلن جي حوالي سان مسلمان امت پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ??ندي متحد ٿي جواب ڏيندي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا