گڏيل قومون -24 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ??ه سوڊان ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ڪئي وئي ته خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا. ترڪ خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ??ريس ڪانفرنس ۾ سوڊان ۾ جهيڙن جي علائقائي اثرن جو جائزو وٺندي چيو ته خطو پهرين ئي نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. ڌرين کي عوام جي ??فادن کي ترجيح ڏيندي تڪرار ختم ڪرڻ گهرجن. هن خبردار ڪيو ته سوڊان ۾ ڇڪتاڻ اولهه سوڊان، چاڊ ۽ خطي جي ??ين ملڪن جي صورتحال کي متاثر ڪري سگهي ٿي، ??يڪڏهن سوڊان ۾ جهڙپن جو حل نه ڪڍيو ويو ته نه رڳو سوڊان پر پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني همدردي جي ڪارڪنن ٿوري وقت ۾ جنگ بندي تي اتفاق کان پوءِ 40 لک ماڻهن تائين امداد جون تقريبن 168 ٽرڪون پهچايون. تنهن هوندي به موجوده صورتحال هاڻي به مڪمل طور تي انساني بنيادن تي ڪارروائيون ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني. هن چيو ته گڏيل قومون مختصر وقت جي جنگبندي جي ??گراني ۾ ڪو به باضابطه ڪردار ادا ناهي ڪيو، پر اسٽريٽجڪ ۽ ٽيڪنيڪي مد?? فراهم ڪئي آهي.
سوڊان ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ڪئي وئي ته خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : quina acumulada