گڏيل قومون-20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سربر??هه انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر ??زه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي صحت واري اداري 4 ڏينهن کان اسرائيلي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ غزه جي الشفا اسپتال کي ڊيٿ روم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي ٻين ادارن جي عهديدارن به سيڪريٽري جنرل جي ان اپيل جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ غزه جا 23 لک رهواسي خاص طور ت?? اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب بي گهر ٿيل 17 لک فلسطينين لاءِ حالتن کي بهتر بنائڻ جو چيو ويو آهي. سيڪريٽر جنرل طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن ??نگ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين جي فوت ٿيڻ جي تعداد حيران ڪُن ۽ ناقابل قبول آهي. ان فوجي ڪاررواين کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي. مان هڪ ڀيرو ٻيهر ??نس??ني همدرديءَ جي بنياد تي غزه ۾ جنگبنديءَ جي اپيل ڪريان ٿو. گڏيل قومن جي انس??ني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ واقعن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ اسڪولن ۾ پن??هه وٺندڙ هزارين شهرين جو قتل الشفا اسپتال ۾ پن??هه وٺندڙ هزارين شهرين جون جانيون بچائڻ لاءِ ڀڄڻ، لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏڻ، سمورن بين الاقوامي قانونن جي وڏي پيم??ني تي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا.
گڏيل قومن جي سربراهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر غزاه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ