اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي)فلسطيني صدر محمود عباس چيو آهي ته غزه ۾ ڪا رياست ناهي ۽ نه ئي ان کانسواءِ فلسطيني رياست مڪمل ٿي سگهي ٿي، سعودي خابرو اداري موجب فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ هن ??يو ته غزه پڻ بيت المقدس ۽ اولهندي ڪناري وانگر هڪ لازمي ۽ نه ورهائڻ جوڳو ??سلطيني رياست جو اڻٽٽ حصو آهي، هن ??يو ته غزه جي پٽي کي وجودي خطري کي منهن ??يڻو پيو آهي، اسرائيلي فوج فلسطيني شهرين کي ڄاڻي واڻي ۽ منظم طريقي سان نشانو بڻائڻ، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن ۾ ملوث ٿي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته 7 آڪٽوبر کان اسرائيلي فوج غزه ۾ سنگين بين الاقوامي ڏوهه ڪيا آهن جن ۾ جنگي ڏوهه ۽ انسانيت خلاف ڏوهه شامل آهن. هن فلسطيني عوام کي پنهنجي خودمختياري واري حق کي استعمال ڪرڻ ۽ پنهنجي زمين تي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ ۽ آزاد رياست کي گڏيل قومن جو مستقل ميمبر تسليم ڪرڻ تي زور ڀريو.
غزه فلسطيني رياست جو اڻٽٽ حصو آهي: صدر محمود عباس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت