ماسڪو- 17 ڊس??بر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪ?? ۾ ??م ڌماڪي ۾ ايٽمي حفاظتي ف??رسز جو انچارج ۽ هڪ اعليٰ فوجي جنرل مارجي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي ايٽمي، بائيولاجيڪل ۽ ڪيميڪل پروٽيڪشن ٽروپس جو سر??راهه ليفٽيننٽ جنرل ايگور ڪيريلوف پنهنجي اسسٽنٽ سان گڏ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل ايگور ڪيريلوف ماسڪو ۾ پنهنجي اسسٽنٽ سان گڏ رهائشي اپارٽمنٽ بلڊنگ کا ٻاهر اچي رهيو هو ته هڪ اسڪوٽر ۾ نصب ڪيل ڌماڪيدار مواد ڦاٽي پيو. يوڪرين ۾ ڪيميڪل هٿيار استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ برطانيه، جنرل ايگور ڪيريلوف تي آڪٽوبر ۾ پابنديون لاڳو ڪيون هيون. جنرل ايگور ڪيريلوف لڳ ڀڳ 3 سال اڳ يوڪرين جنگ جي شروعات کانپوءِ ماسڪ?? ۾ ??هڙي طرح جي ڌماڪي ۾ مارجي ويل سڀ کان اعليٰ روسي ف??جي اهلڪار آهي. روسي جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ماسڪ?? ۾ ??يازنسڪي ايونيو تي واقع رهائشي عمارت جي ٻاهر بيٺل اسڪوٽر ۾ ڌماڪيدار مواد نصب هو جيڪو 17 ڊس??بر جي صبح ڦاٽڻ سبب جنرل ايگور ڪيريلوف جو موت واقع ٿيو.
روس جي ايٽمي حفاظتي فورسز جو سربراهه بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن