ٽوڪيو – 26 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ ٽن وڏي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل چورن جي گروپ گرينڊ پا- گينگ کي گرفتار ڪي?? ويو آهي. سائوٿ چائنا پوسٽ مطابق گينگ ۾ شامل 88 سالن جي هيديوامينو، 70 سالن جي هيديمي متسودا ۽ 69 سالن جي ڪي??چي ويتيبي مبينا طور تي جيل ۾ قيد دوران پنهنجي ڏوهاري سرگرمين لاءِ گروپ ٺاهيو. آزادي کانپوءِ ٽنهي تي الزام آهي ته هنن چوري لاءِ انهن گهرن کي نشانو بڻايو جيڪي خالي هئا. مئي ۾ مبينا طور تي هوڪائيڊو جي گادي واري شهر اسيپيرو ۾ هڪ خالي گهر ۾ داخل ٿي 200 ين ۽ شراب جون بوتلون چوري ڪي??ن. ان واقعي کانپوءِ ٽنهي ٻئي مهيني ان ئي علائقي ۾ هڪ ٻئي خالي گهر مان 10 لک ين ماليت جا زيور چوري ڪيا. پوليس جو چوڻ آهي ته گينگ جو سڀني کان وڏو ميمبر امينو چوري ڪندو هو. متسودا گاڏي هلائيندو هو ۽ سڀني کان ننڍ?? ويتنيبي چوري جي شين جي سار سنڀال ڪندو هو. ڄاڻايل مبينا ڏوهن جو پتو ان وقت پيو جڏهن ٻئي گهر جي مالڪ کي شڪ ٿيو ۽ هن پوليس کي آگاهه ڪي??. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي ان گروپ جو پتو لڳايو ۽ اه?? معلوم ڪي?? ته عورت جي گم ٿيل شين مان ڪجهه کي وڪ??و ڪي?? ويو آهي. رپورٽس ۾ ٻڌاي?? ويو آهي ته جڏهن ٽنهي بزرگن کي گرفتار ڪي?? ويو ته کين هلڻ لاءِ پوليس جو سهارو وٺڻو پيو. سندن چوڻ آهي ته اهي ??وهه زندگي گذارڻ لاءِ ڪيا آهن.
جاپان ۾ پوڙهن ماڻهن تي ٻڌل چورن جو گينگ گرفتار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز