لنڊن -25 سيپٽمبر (اي پي پي ) دنيا جي سڀ کان وڏي حلال فوڊ ??يسٽيول جي تقريب 28 کان 29 سيپٽمبر تائين لنڊن اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪئ?? پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب انتطاميا کي هن سال فوڊ ??يسٽيول ۾ 20000 کان به وڌيڪ شرڪت ڪندڙن جي آمد جو امڪان آهي. فوڊ ??يسٽيول ۾ پاڪستان سميت ترڪيه، مراڪش ۽ انڊونيشيا جي نمائندگي ڪندڙ وينڊرز، شيفرز ۽ فوڊ اسٽالز موجود هوندا . تقريب جي انتظاميا ڪميٽي جي ڊائريڪٽر وليد جهانگير ٻڌايو آهي ته سموري دنيا ۾ مسلم آبادي ۾ لڳاتار اضافي سبب حلال فوڊ جي مصنوعات جي گهرج ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حلال فوڊ ??ان تيار ڪيل معياري ذائقن ۾ وڌندڙ دلچسپي نه رڳو مسلمان صارفين پر غير مسلمانن جو ڌيان به حلال کاڌن طرف ڏياريو آهي. ان تقريب ۾ مشهور شيف شخصيتن جي تيار ڪيل کاڌن جي ذائقن بابت لائيو ڪوڪنگ شو منعقد ڪيو ويندو جنهن جي ميزباني عالمي شهرت يافته شيف شيلينا پرمولو ڪندي.
لنڊن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو حلال فوڊ فيسٽيول 28 سيپٽمبر تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس