اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم ۽ م??ت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ??رب??ني جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته حق جي راه?? تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به ??رب??ني ڏيڻي پوي اسان ان کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي انسانيت جي لاءِ چئلينج بڻجي آئي آهي. منهنجي پاڪستاني قوم کي اها درخواس?? آهي ته ??رب??ني جي عيد جي موقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي ??رب??ني جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. منهنجي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا فرمائي ۽ اسان کي جلد کان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات