ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زور ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ريلوي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ??ندڙن پاڪستان ريلوي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي ??حم?? حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر ??احيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي سوسائٽي جي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بنگلاديش عورتن جي تعليم ۽ ص??اح??تن ۾ اضافو ڪري ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪستان کي به پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي ص??اح??تن ۾ اضافو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جو فروغ ضروري آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین