اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ننڍي ۽ وچولي درجي ??ي صنعتن جي فروغ لاءِ پُرعزم آهي.
ايس بي پي پاران پهريون ڀيرو ايس ايم ايز کي ضمانت کانسواءِ 10 ملين آسان فنانس اسڪيم تحت قرض ملي سگهندو، ان کان اڳ ايس ايم ايز جو نجي ??عبي ۾ ٽوٽل قرض جو حصو صرف 6.6 سيڪڙ هو.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ايس ايم ايز کي 25 سيڪڙو بدرا?? وڌ کا?? وڌ 9 سيڪڙو تي قرض ملي سگهندو. هن چيو ته 40 کان 60 سيڪڙو رسڪ ڪو??يج حڪومت پاڪستان ڪري رهي آهي، ان اسڪيم مان نوان ايس ايم ايز فائدو حاصل ڪري سگهندا، ملڪ ۾ مجموعي معاشي سرگرمين ۾ تيزي ايندي. هن چيو ته سميڊا موجب ايس ايم ايز جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو ۽ برآمدي آمدني ۾ 25 سيڪڙو حصو ٿي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena