اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ، منصوبي جو پهريون فيز للا انٽرچينج کان پنڊ دادن خان ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ هلندڙ سال جون ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ پنجا?? جي ترقياتي بجيٽ ۾ منصوبي جي لاءِ ف??ڊز رکڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اها هدايت لاهور جي دوري دوران پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان خصوصي اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم کي للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ جڏهن ته منصوبي جو پهريون فيز انٽرچينج (ايم 2) کان پنڊ دادن خان (تعلقو پنڊ دادن خان) ۽ ٻيو فيز مصري موڙ کان بخاري چوڪ (تعلقو جهلم) هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻ??ايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم منصوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان ۽ پنجا?? جي وڏي وزير عثمان بوزدار جا پنجا?? جي ترقياتي ف??ڊز ۾ للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي جي تعمير لاءِ ف??ڊز رکڻ ۽ منصوبي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
وزيراعظم پاران للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي منصوبو ايندڙ سال مارچ 2023ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے