اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي ??چ ۾ ”ٽيپو سلطان: ننڍي کنڊ جي مشهور آزادي پسند جنگجو“ تي تاريخي سيريل تيار ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون، يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جا نمائندا به موجود هئا. بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ٽيپو سلطان جي دور ۽ زندگي تي ڊراما سيريل تيار ڪندي، 6 سيزن (78 قسطن) تي ٻڌل ان سيريل جي شروعاتي سيزن هڪ سا?? ۾ جاري ڪئي ويندي، مفاهمت جي يادداشت ٻن سا??ن جي لاءِ ٿيندي، جڏهن ته پروڊڪشن لاءِ متوقع ڏنل ٽائيم لائين هڪ سا?? هوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت مسلمانن جي عظيم ۽ تاريخي ش??صي?? ٽيپو سلطان تي سيريز جي تياري، مارڪيٽنگ ۽ سرڪاري ٽي وي (پي ٽي وي) تي براڊ ڪاسٽ ۾ تعاون ڪندي، بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ڄاڻايل پروڊڪشن جي تياري ۾ سموري لاڳت برداشت ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڄاڻايل سيريل جو وقت به وقت ٽيڪنيڪي جائزي وٺڻ سا?? گڏ وگڏ سيريل جي تياري کان پهرين اسڪرپٽ جو به جائزو وٺندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں