ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري چيو آهي ته موسمي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ هن ڀيري اپريل کان ئي بر??اتون شروع ٿي ويون آهن، امير ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي بحران جو خميازو غريب قومون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران ج??ري بيان موجب بلاول ڀٽو زرد??ري وڌيڪ چيو ته هن وقت بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن جي ندي نالن ۾ ٻوڏ و??ري صورتحال آهي، گذريل چوماسي دوران ٿيندڙ رڪارڊ بر??اتن جي متاثرين جو اڄ به هڪ وڏو انگ مدد جي لاءِ منتظر آهي. هن چيو ته گذريل غيرمعمولي بر??اتن دوران ٻڏي ويندڙ لکين گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر بحالي جو ڪم اڃا به مڪمل ناهي ٿيو. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اين ڊي ايم اي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ عملدار بر??اتن جي ڏس ۾ هر وقت چوڪس رهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي بر??اتن دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر مصيبت کان بچائي. بلاول ڀٽو زرد??ري پارٽي ڪارڪنن جي لاءِ پڻ هدايت ج??ري ڪندي چيو ته جيالا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ امدادي ڪمن جي حوالي سان انتظاميا سان رابطي ۾ رهن. هن بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بر??اتن دوران حادثن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس ۽ انهن حادثن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.
موسمي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ هن ڀيري اپريل کان ئي برساتون شروع ٿي ويون آهن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria