اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوا??ال??ق ڪاڪڙ ڪشميرين جي سفارتي، سي??سي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهشن موجب ريفرنڊم جي ذريعي تڪرار جي حل تائين حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوا??ال??ق ڪاڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر انوا??ال??ق ڪاڪڙ کي وزا??ت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر نگران وزيراعظم کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اچڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر کي پاڪستان پاران ڪشمير جي لاءِ غيرمشروط حمايت جو يقين ڏ??ار??ندي چيو ته ڪشميرين جي خودمخت??ار?? جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين، پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، سي??سي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ڪشميرين جي امنگن موجب ريفرنڊم سان نه ٿو ٿي وڃي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بيريسٽر سلطان محمود چوڌري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا