اسلام آ??اد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان لانگ رينج فيلڊ ٽارگيٽ رائيفل ٽيم جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر پاڪستاني رائيفل ٽيم کي برطانيا ۾ ٿيندڙ يورپي لانگ رينج رائيفل چيمپئن شپ 2023ع کٽ?? تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل احسن گلريز ۽ ڪرنل جن??د وقاص کي چاندي جو تمغو جڏهن ته ڪرنل جن??د علي کي ٽامي جو تمغو کٽ?? تي خصوصي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج جي ٽيم عالمي سطح تي رائيفل شوٽنگ جي مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪستاني رائيفل ٽيم يورپين چيمپيئن شپ کٽ?? تي ساراهه جي لائق آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مختلف راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن پاڪستاني رائيفل ٽيم جي لاءِ مستقبل ۾ پڻ ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا