اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويزن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ معدنيات ج?? شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي قدمن تي تفصيلي بري??نگ ڏني وئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ بجلي ج?? شعبي جي سڌارن ۽ بجلي چورن جي خلاف آپريشن تي پڻ تفصيلي بري??نگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم بجلي چورن جي خلاف آپريشن تي توانائي واري وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قدمن کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب