اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ?? معيشت جي ترقي جي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ ت?? معيشت جي مختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، ز??اع??، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ?? معيشت جي ترقي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ?? معيشت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش ڪي?? ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو آهن. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته معيشت جي مختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان پلان تي عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ملڪ?? معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻا??و وڃي. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ٺاهي پيش ڪ??و وڃي. هن چيو ته ز??اع??، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، غريب عوام جي پئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪ?? معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائينداسين. وزي??اع??م چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيداوار وڌائينداسين، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ?? معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ ۽ اهم شعبن ۾ تجويز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪي?? ويو. اجلاس کي بجلي، ز??اع?? ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صنعت، ٽيڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزي??اع??م انهن تجويز ڪيل قدمن تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري هڪ ٺوس ??لان جوڙڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم آڏو ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش، مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراهمي روڊ ميپ جو حصو، وزيراعظم پاران سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي لاءِ مشاورت ڪرڻ جي هدايت، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ